مفتي شهاب الدين پوپلزئي غير سرڪاري رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو
Author
اپریل 9, 2024
تازا ترين, پاڪستان
4,892 Views
شوال جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ غير سرڪاري رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس مفتي شهاب الدين پوپلزئي جي صدارت هيٺ مسجد قاسم علي خان ۾ ٿيندو. خيبرپختونخواهه ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ سرڪاري زونل ڪميٽي جو اجلاس اوقاف هال ۾ ٿيندو. جڏهن ته غير سرڪاري رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس به اڄ ئي طلب ڪيو ويو آهي. غير سرڪاري رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس مسجد قاسم علي خان ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو. چيئرمين ڪميٽي مولانا عبدالخبير آزاد جي سربراهي ۾ اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت ۾ ٿيندو جنهن ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ شهادتون وصول ڪيون وينديون. اجلاس ۾ ڪميٽي جا ميمبر، موسميات کاتو، سپارڪو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جون اختياريون شريڪ ٿينديون. زونل رويت هلال ڪميٽين جا اجلاس مقرر هنڌن تي ٿيندا. چيئرمين مرڪزي رويت هلال ڪميٽي شوال جو چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ جو اعلان ڪنديون. ياد رهي ته موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ملڪ ۾ عيدالفطر جو چنڊ 09 اپريل تي نظر اچڻ جو امڪان آهي موسميات کاتي موجب نئين چنڊ جي پيدائش 8 اپريل تي رات جو 11 لڳي 21 منٽن تي ٿي چڪي آهي ۽ ان ڏينهن چنڊ جي عمر 19 کان 20 ڪلاڪ هوندي. سج لهڻ کان پوءِ چنڊ نظر اچڻ جو ٽائيم 50 منٽن کان وڌيڪ هوندو ۽ ان ڏينهن آسمان صاف هجڻ کي نظر ۾ رکندي 9 اپريل تي عيدالفطر جو چنڊ نظر اچڻ جا چٽا امڪان آهن، اهڙي طرح عيدالفطر 10 اپريل اربع جي ڏينهن ٿيڻ جا وڌيڪ امڪان آهن.