تازا ترين

ملڪ ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس جاري

ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر اچڻ جا ڊگها امڪان آهن. جڏهن ته مرڪزي زونل رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي. ملڪ ۾ شوال المڪرم(عيدالفطر) جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ جون شهادتون وصول ڪيون وينديون. اجلاس ۾ رويت هلال ڪميٽي جي مدد جي لاءِ موسميات کاتي اسپارڪو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جون اختياريون به شريڪ آهن. ڪراچي، ڪوئٽه، پشاور، لاهور ۾ رويت هلال جي وزنل ڪميٽين جي اجلاس جي شروعات ٿي وئي آهي. چنڊ جي رويت جو حتمي اعلان مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو. ياد رهي ته موسميات کاتي چيو آهي ته چنڊ جي عمر اڄ(اڱاري جي) شام انساني اک سان ڏسڻ جي لاءِ مڪمل هوندي. فلڪيات جي ماهرن چيو آهي ته اڄ اڱاري جي ڏينهن شوال المڪرم جو چنڊ نظر اچڻ جا ڊگها امڪان آهن.  ياد رهي ته گذريل ڏينهن سعودي عرب ۾ شوال المڪرم جو چنڊ نظر نه آيو هو جنهن کي نظر ۾ رکندي هاڻ عيدالفطر(پهرين شوال المڪرم) سڀاڻي 10 اپريل اربع تي ٿيندي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے