تازا ترين

وهاب رياض لاءِ سينيئر مئنيجر جو عهدو تخليق، اڳوڻا ڪرڪيٽر حيران

چئن ورهين تائين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جَي مئنيجر رهندڙ منصور رانا جي موجودگيءَ ۾ سليڪٽر وهاب رياض کي قومي ٽيم جو سينيئر مئنيجر بڻايو ويو آهي. وهاب رياٰ لاءِ نئون ۽ انوکو عهدو تخليق ڪيو ويو آهي، ڪرڪيٽ حلقا حيران آهن ته ٽيم مئنيجر جي هوندي وهاب رياض کي سينيئر مئنيجر ڇو مقرر ڪيو ويو ؟ ذريعن موجب، نيوزيلينڊ سيريز ۾ وهاب رياض سليڪشن پاليسي تي نظر رکندو، هو هر ميچ ۾ روٽيشن پاليسي جو پلان ڏيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وهاب رياض ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ٽيم سليڪشن پلان موجب ٿي رهي آهي، سيريز دوران وهاب رياض جي پليئنگ اليون ۾ راءِ اهم هوندي، اڳوڻو چيف سليڪٽر رانديگرن جي ورڪ لوڊ جي به نگراني ڪندو. ذريعن موجب، هوم سيريز جي پنجن ئي ميچن ۾ وڌ کان وڌ رانديگرن کي موقعو ڏنو ويندو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

سريلنڪن ڪرڪيٽر تي ميچ فڪسنگ جو الزام، آءِ سي سي جو ايڪشن

سريلنڪن اسپنر پراوين جيا وڪرما کان آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے