تازا ترين

پاڪستاني شهرين جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ بابت رپورٽ تي آمريڪا جو اهم بيان

آمريڪي پرڏيهي کاتي جَي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته پرڏيهي سيڪريٽري جمعي ڏينهن پاڪستان جَي پرڏيهي وزير سان رابطو ڪري مضبوط حصيداري جو عزم ورجايو، جيڪو پاڪستان ۽ آمريڪا جِي خوشحالي کي اڳتي وڌائي ٿو. ميٿيو ملر واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران چيو ته ٽيليفونڪ رابطي دوران دهشتگردي جَي خاتمي، واپاري ۽ سيڙپڪاري حصيداري کي هٿي ڏيڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي سهڪار جاري رکڻ جِي اهميت تي خيالن جِي ڏي وٺ ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني شهرين جَي قتل ۾ ڀارت ملوث هجڻ بابت ميڊيا رپورٽن کي فالو ڪيو پيو وڃي، هُو بحث هيٺ الزامن تي تبصرو نٿو ڪري سگهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جَي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته هُو پاڪستان ۽ ڀارت جِي حوصلا افزائي ڪن ٿا ته ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن، ڳالهين ذريعي حل ڳوليو وڃي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيخ حسينا واجد پاران بنگلاديش واپسي جو فيصلو؟ پٽ جو اهم بيان سامهون اچي ويو

ڪجهه ڏينهن اڳ بنگلاديش ۾ جاري حڪومت مخالف مظاهرن جي نتيجي ۾ شيخ حسينا واجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے