ڪراچي: اڳوڻي زال تي بدڪاري جو الزام ۽ ڌيءُ جي ولديت کان انڪار ڪندڙ شخص کي ڪوڙن جي سزا
Author
اپریل 9, 2024
تازا ترين, سنڌ
140 Views
ڪراچي جي سيشن عدالت هڪ شخص کي پنهنجي ڌيءَ جو پيءُ تسليم ڪرڻ کان انڪار ۽ اڳوڻي زال تي بدڪاري جو ڪوڙو الزام لڳائڻ تي 80 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير ٻارڙي جي ولديت کان انڪار ۽ زال تي زنا جو الزام ثابت نه ٿيڻ تي اڳوڻي مڙس جوابدار فريد قادر کي 80 ڪوڙا هڻڻ جي سزا ٻڌائي. عدالتي فيصلي موجب شاهدين مان ثابت ٿيو ته جوابدار درخواستگذار تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام هنيا، تنهن ڪري 80 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي.