ڪنگنا رناوت ڳئون جو گوشت کائي وئي؟
Author
اپریل 9, 2024
شوبز
166 Views
ڀارت جي تڪراري راڻي ڪنگنا رناوت بابت اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن ته هن ڳئون جو گوشت واپرايو آهي جنهن تي ڪنگنا خلاف نفرت واري مهم شروع ٿي وئي. معاملو ايترو اڀري آيو جو ڪنگنا رناوت کي وضاحت ڏيڻي پئجي وئي. ڪنگنا خبرن کي رد ڪيو ۽ انسٽاگرام تي چيو ته هن ڳئون جو گوشت يا ٻي ڪا اهڙي گوشت واري سئي ناهي کاڌي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪوڙن افواهه پکيڙڻ شرمناڪ آهي، مان ڏهاڪن کان يوگا ۽ آيورويدڪ لائيف اسٽائل تي عمل ڪري رهي آهيان، منهنجي مداحن کي خبر آهي ته مون کي هندو هجڻ تي فخر آهي.