ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار جي پٽ آريان خان دهلي جي پوش علائقي ۾ ٻه ماڙ خريد ڪري ورتي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب آريان خان ڏکڻ دهلي جي پوش علائقي ۾ ٻه ماڙ اها بلڊنگ خريد ڪئي آهي جتي شاهه رخ خان جي به هڪ ماڙ ۽ بيسمينٽ خريد ٿيل آهي. اها جاءِ ان لاءِ خان خاندان جي ويجهو آهي ڇو ته ڪيرئير جي شروعات ۾ شاهه رخ خان ۽ گوري خان اتي رهي چڪا آهن.
رپورٽس موجب آريان خان دهلي جي پوش ترين علائقي ۾ فلورز جي رجسٽري لاءِ مئي ۾ ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ پيسا ڏنا آهن. رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آريان خان ٻئي فليٽ 37 ڪروڙ ڀارتي رپين (هڪ ارب پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ خريد ڪيا آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ آريان خان جي ننڍي ڀيڻ سهانا خان به علي باغ ۾ 9 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ زمين خريد ڪئي هئي.