تازا ترين

اهم خبر، فچ پاڪستان جي ريٽنگ بهتر ڪري ڇڏي

معاشي درجابندي واري اداري فچ ريٽنگ ايجنسي اٽڪل ست مهينن کانپوءِ پاڪستان لاءِ ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو.

فچ ريٽنگ ايجنسي پاڪستان جي طويل مدتي پرڏيهي ڪرنسي جي ريٽنگ بهتر ڪندي ريٽنگ ٽرپل سي مان وڌائي ٽرپل سي پلس ڪري ڇڏي.

فچ رپورٽ موجب، آءِ ايم ايف معاهدي سان پاڪستان جي پرڏيهي فنڊنگ رسائي بهتر ٿي آهي ۽ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ بهتري سبب ريٽنگ اَپ گريڊ ڪئي وئي، اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ معاهدي ۾ رهندي پاڪستان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري.

فچ پنهنجي ۾ چيو ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ اجلاس جي منظوري کان اڳ چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب رياستن سان گڏيل معاهدن جو قرض رول اوور ڪرائڻو پوندو.

فچ جو چوڻ آهي ته پاڪستان وفاقي بجيٽ ۾ معيشت جي بهتري لاءِ پاليسي جوڙي آهي، پاڪستان کي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح وڌائڻ لاءِ وڌيڪ ٽي سيڪڙو اضافي جي ضرورت آهي.

رپورٽ موجب، پاڪستان آءِ ايم ايف کي توانائي شعبي، رياستي ملڪيتي ادارن ۾ اسٽرڪچرل سڌارن ۽ زرعي آمدني تي ٽيڪس لڳائڻ لاءِ قانون سازي جي خاطري ڪرائي آهي.

واضح رهي ته فچ ريٽنگ ايجنسي طرفان ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري سان پاڪستان جو عالمي مارڪيٽ ۾ اعتماد بحال ٿيندو، عالمي مالياتي ادارا قرض ڏيڻ ۾ پاڪستان تي اعتماد ڪندا .

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

سون مسلسل ٽئين ڏينهن به سستو ٿي ويو

 ملڪ ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن سون جي قيمتن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے