راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي شهر گوادر ۾ ” نام نهاد بلوچ راجي موچي “ جي آڙ ۾ پرتشدد مظاهرين جو ڊيوٽي تي مقرر سيڪيورٽي فورسز تي حملو ڪري پاڪ فوج جي سپاهي کي شهيد ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، بلوچستان جي شهر گوادر ۾ نام نهاد بلوچ راجي موچي جي آڙ ۾ ڊيوٽي تي مقرر سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن تي حملو ڪيو ويو .
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته حملي ۾ 30 ورهين جو سپاهي شبير بلوچ شهيد ٿي ويو ۽ هڪ آفيسر سميت 16 فوجي جوان زخمي ٿي پيا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز تي حملي باوجود انتهائي برداشت جو مظاهرو ڪيو، هجوم جون احتجاج جي نالي تي پُرتشدد ڪارروايون قبول ڪرڻ جوڳيون ناهن ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
آءِ ايس پي آر شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته پروپيگنڊا جو شڪار نه بڻجن، پرسڪون ۽ پرامن رهن ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪن.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان ۾ امن امان خراب ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.
آءِ ايس پي آر وڌيڪ چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي جعلي تصويرون ۽ وڊيوز استعمال ڪري بدنيتي تي ٻڌل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا تي غيرقانوني پرتشدد مارچ لاءِ همدردي ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪئي وئي.