ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ رانديگرن کي هڪٻئي سان ويڙهائڻ غلط آهي.
هڪ بيان ۾ شاهد آفريدي چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ پاڻ کي بچائڻ لاءِ رانديگرن جو استعمال ڪرڻ بند ڪري. هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن لاءِ هڪ پيءُ جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان لاءِ 20 کان 22 سال کيڏي چڪو آهيان، منهنجي دور ۾ به ڪيئي مسئلا رهيا.
سندس چوڻ هو ته محسن نقوي وٽ پي سي بي جي چيئرمين ۽ گهرو وزارت به آهي انڪري هاڻي کيس هڪ فيصلو ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ عهدو چونڊي جيڪڏهن هو بورڊ کي صلاحڪارن جي چوڻ تي هلائيندو ته مئسلا حل ٿيڻ بدران وڌندا ويندا.