تازا ترين

مداح جي ” چاچو“ ڪوٺڻ تي ڪرن جوهر آپي مان نڪري ويو، وڊيو وائرل

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ پنهنجي منفرد اسٽائل لاءِ مشهور هدايتڪار پروڊيوسر ڪرن جوهر کي لنڊن ۾ هڪ مداح انڪل چئي مخاطب ڪيو جيڪو کيس نه وڻيو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ڊائرڪٽر ويجهڙ ۾ پنهنجي ڪٽنب سان موڪلون ملهائڻ لنڊن ويو آهي جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ڪرن جوهر جي هڪ وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ همراهه لنڊن ۾ ڪرن کي ڏسي وڊيو ٺاهڻ شروع ڪري ٿو، وڊيو ۾ هو سوال ٿو ڪري ته کيس ڪرن جوهر نظر آيو آهي، ان کي ڪهڙي لفظ سان مخاطب ڪيان؟

هن مداح چيو ته کيس ڪي جو چوڻ گهرجي، يا رڳو ڪرن؟ يا ڪرن جوهر يا مسٽر جوهر يا مسٽر ڪرن.

اهو چوندي ئي هو ڪرن جوهر طرف ويو ۽ چيائين ”هاءِ انڪل“ اهو ٻڌندي ڪرن حيران ٿيندي سوال ڪيو ته ڇا کيس انڪل چيائين؟ ان دوران مداح کلڻ ۾ شروع ٿي ويو، ڪرن جوهر اهو چئي اتان هليو ويو جڏهن ته مداح اتي کلندو رهيو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

تاپسي ۽ وڪرانت جي ” ڦر آئي حسين دلربا“ نيٽ فلڪس تي رليز

بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پنو ۽ وڪرانت ميسي جي نئين فلم ” ڦر آئي حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے