اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت نئين توشا خانا ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي رمانڊ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
اڊيالا جيل ۾ احتساب عدالت جي جج محمد علي وڙائچ نيب جي نئين توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ان سلسلي ۾ نيب پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي ۽ نئين توشاخانا ريفرنس جو جاچ آفيسر ڊپٽي ڊائريڪٽر محسن هارون به عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشري بي بي کي عدالت جي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو .
ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر جنرل مظفر عباسي ۽ پي ٽي آءِ باني وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ان دوران بشريٰ بي بي به پي ٽي آءِ باني سان گڏ روسٽرم تي اچي وئي.
بشريٰ بي بي جج کي چيو ته اوهان کي جيڪو فيصلو ڪرڻو آهي ڪريو، مون پنهنجو فيصلو الله تي ڇڏيو آهي، اوهان جنهن منصب تي ويٺا آهيون اوهان کي نظر نٿو اچي ته نيب ڇا ڪري رهيو آهي؟ اسان سان مسلسل ناانصافي ٿي رهي آهي.
هن چيو ته نيب وارا کاٻي پاسي بيٺا آهن، اسان ساڄي پاسي بيٺا آهيون، نيب وارا هڪٻئي پٺيان ڪوڙا ڪيس فائل ڪري رهيا آهن.
ان موقعي تي عمران خان سوال اُٿاريندي چيو ته سندس گهرواري جهو توشا خانا سان ڪو به واسطو ناهي، کيس ڇو سزا ڏني پئي وڃي؟ وزيراعظم هو هيو، بشريٰ بي بي عوامي نمائندو نه هئي.
هن چيو ته نيب وارا ضمير فروش آهن، انهن کي پئسا ڏئي ڪهڙو به ڪم وٺي سگهجي ٿو.
نيب ٽيم کي ضمير فروش چوڻ تي پراسيڪيوٽر جنرل مظفر عباسي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ عمران خان کي چيو ته اوهان مون سان پرسنل نه ٿيو، ڪيس تي ڳالهايو، مون اڄ تائين اوهان جي ذات تي تبصرو ناهي ڪيو.
سندس چوڻ هوته اوهان مون کي ٽيهه هزار رپين ۾ مڪمل ڊنر ۽ ٽي سيٽ راجا بازار مان خريد ڪري ڏيکاريو، ڇا محمد بن سلمان اوهان کي ٽيهه هزار ماليت جو ڊنر ۽ ٽي سيٽ تحفي ۾ ڏنو هو؟
ٻنهي ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ عدالت ٻڌڻي ۾ وقفو ڪري ڇڏيو، وقفي کانپوءِ ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري جي جسماني رمانڊ ۾ ڏهه ڏينهن واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.