ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سامونڊي پٽي ۾تمر جا ٻيلا ختم ٿيڻ جو انڪشاف، زمينن تي قبضن، رهائشي اسڪيمن سميت ترقياتي منصوبن سبب تمر جي ٻيلن کي ختم ڪيو ويو، ان حوالي سان ڊبليو ڊبليو ايف ڪنزرويشن ليب جي ماهرن پاران ريمورٽ سينسنگ سيٽلائيٽ تحت ڪيل تحقيق ۾ تمر جي ٻيلن جي ختم ٿيڻ بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2010ع کان 2022ع دوران ڪراچي جي سامونڊي پٽيءَ ۾ 200 هيڪٽرز ( 500 ا يڪڙن ) ۾ تمر جا ٻيلا مختلف منصوبن ڪري تيزي سان ختم ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب رهائشي منصوبن ڪري ڪراچي جي يونس آباد، ڳوٺ ڪاڪا پير، حاجي علي ڳوٺ، ماڙيپور، شمشير ٻيٽ، ڪياماڙي، مڇر ڪالوني، ڀٽا ڪالوني، پورٽ ٽاور ڪمپليڪس ۽ مائي ڪلاچي روڊ تان تمر جا وڻ وڍيا ويا
جڏهن ته ڪمرشل ۽ تفريحي منصوبن سبب ڊي ايڇ اي فيز 8، ايئر مين گالف ڪلب ۽ تفريحي پارڪ ويجھو به تمر جي ٻيلن جو سال 2010ع کان 2022ع دوران خاتمو ڪيو ويو
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته صنعتي علائقن ۾ ڪورنگي ويجھو ڪريڪ انڊسٽريل پارڪ، لڪي اليڪٽرڪ ڪمپني، ايس ايس جي سي جي ايل پي جي ٽرمينل، ايپڪسل ٽرمينل، پورٽ قاسم پاور پلانٽ، اي ايس جي ٽرمينل ويجھڙ وارن علائقن مان به تمر جا وڻ گُم ڪيا ويا آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ تمر جي ٻوٽن لاءِ حفاظتي قدم سميت قانون تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته رهيل تمر جا ٻوٽا به ختم ٿي سگھن ٿا