تازا ترين

ڪراچي ۾ عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ مان 2 معصوم ڀائرن جا تشدد ٿيل لاش هٿ

ڪراچي ۾ ماڙيپور جي مڇر ڪالوني ۾ هڪ عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ مان 2 معصوم ڀائرن جا تشدد ٿيل لاش هٿ، پوليس عطائي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري ورتو

 مقتول ٻارڙن جي سڃاڻپ 8 سالن جي احمد ۽ 10 سالن جي حسن پٽ سراج طور ٿي، پوليس ڪورنگي سان تعلق رکندڙ عطائي ڊاڪٽر عبدالڪريم کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

 پوليس موجب جوابدار ٻنهي ٻارن کي اغوا ڪرڻ بعد بيهوشي جي دوا ڏني هئي، جوابدار ٻنهي ٻارن کي رسين سان ٻڌي الماري ۾ لڪائي ڇڏيو هو

پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار ٻارن جي وارثن سان گڏجي گم ڄاڻايل ٻارن جي ڳولا جو ڊرامو به ڪيو، ٻارن جي قتل جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جوابدار کان پڇاڳاڇا جاري آهي

ٻارن جي والد الزام لڳايو آهي ته اسان جي لالچي پاڙيسري ۽ ٻارن جي مامي ڊاڪٽر ڀنگ وٺڻ لاءِ پهريان ٻارن کي اغوا ڪيو ۽ پوءِ بيهوشي جي دوا پيئاري جنهن جي ڪري هو فوت ٿي ويا

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے