تازا ترين

ڪرينا جي ٻارن جي سار سنڀال لاءِ ”نيني“ ڪيترو معاوضو وٺندي آهي؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي لليتا ڊي سلوا بالي ووڊ جي مشهور جوڙي سيف ۽ ڪرينا ڪپور جي پٽن تيمور ۽ جي سان گڏ ڀارت جي امير ترين شخصيت مڪيش امباڻي جي پٽ آننت امباڻي لاءِ به نرس طور پنهنجون خدمتون ڪري رهي آهي.

لليتا ڊي سلوا بابت ڀارتي ميڊيا ۾ مختلف جاين تي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته لليتا سيف ۽ ڪرينا جي پٽن جي سار سنڀال لاءِ لکين رپيا معاوضو وٺندي آهي.

هڪ انٽرويو ۾ لليتا کان سوال ڪيو ويو ته ڇا کيس اسٽار ڪپل جي پٽن تيمور ۽ جي جي سار سنڀال لاءِ اڍائي لک رپيا ملندا آهن جنهن تي هن حيران ٿي جواب ڏنو ته اها سندس خواهش آهي ته کيس ايترو معاوضو ملي پر اهي سڀ افواهون آهن.

سيف ۽ ڪرينا بابت لليتا ڊي سلوا جو چوڻ هو ته هو ايترا سادا آهن جو صبح جي وقت اسٽاف ۽ خاندان گڏ نيرن ڪندو آهي، اسٽاف لاءِ ڌار کاڌو تيار ناهي ٿيندو ۽ ڪيترائي ڀيرا هڪ گڏ نيرن ڪندا آهن.

لليتا وڌيڪ ٻڌايو ته ڪرينا ڪپور سٺي ماءُ آهي، هوءُ گھڻي ۾ گھڻو وقت پنهنجي اولاد سان گذاريندي آهي، ٻارن جي سار سنڀال لاءِ پاڻ شيڊيول تيار ڪندي آهي ۽ ان لاءِ نظم و ضبط جو پورو خيال رکندي آهي جڏهن ته شوٽنگ تي به ٻارن کي گڏ وٺي ويندي آهي ۽ جيئن ڪڏهن گهر ڇڏيندي آهي ته فون ڪري ٻارن بابت مسلسل پڇا ڪندي آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

تاپسي ۽ وڪرانت جي ” ڦر آئي حسين دلربا“ نيٽ فلڪس تي رليز

بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پنو ۽ وڪرانت ميسي جي نئين فلم ” ڦر آئي حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے