ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي گوادر ۾ جاري ڌرڻي جي هڪ طرفي تصوير سوشل ميڊيا تي ڏيکاري ” پروپيگنڊا “ جي مذمت ڪندي ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪائونسل کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي.
بلوچستان اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته گوادر جي واقعي کي ڀارت ۽ برطانيا اُٿاريو جڏهن ته اسان جي ڪجهه سياسي اڳواڻن به پنهنجي ووٽ بئنڪ خاطر هڪ طرفي ڳالهه ڪئي جڏهن ته گوادر ۾ پُرتشدد هجوم سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪيا آهن.
هن چيوته عام شهرين جي حفاظت جي ذميواري حڪومت جي آهي، صوبي ۾ جڏهن غير مقامي ماريا ۽ اغوا ڪيا ويندا آهن ته اسيمبلي ۾ ڪو به سياسي اڳواڻ ناهي ڳالهائيندو جڏهن ته ڪجهه سياسي اڳواڻ گم ٿيل ماڻهن واري معاملي تي بيان بازي ڪري اسان سان اڪيلي ۾ ڪجهه ٻيون ڳالهيون ڪندا آهن.
سرفراز بگٽي چيو ته پيپلز پارٽي جهموريت تي يقين رکي ٿي ۽ فلحال اسان جا در ڳالهين لاءِ کليل آهن، اپوزيشن سان جيڪي ماڻهو ڳالهيون چاهين ٿا اُهي اچن اسان تيار آهيون ۽ حڪومت جو پيغام کين پهچائين، اسان هڪ شئي کانسواءِ مظاهرن جون سڀ ڳالهيون مڃڻ لاءِ تيار آهيون.