سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري، وڄ ڪِرڻ ۽ ٻين واقعن دوران فوت ٿيلن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو
دره آدم خيل جي علائقي پراڻي بازي خيل ۾ ٻوڏ جو وهڪرو گهرن ۾ داخل ٿيڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 11 ڀاتي ٻڏي فوت ٿي ويا، هڪ ٻارڙِيءَ جي ڳولا جاري آهي
ريسڪيو ذريعن موجب متاثر ڪٽنب ستل هو ته ٻوڏ جو وهڪرو گهر اندر داخل ٿي ويو، فوتين ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ٻارڙا، 3 عورتون ۽ 2 مرد شامل
ٿرپارڪر جي ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري وارن علائقن ۾ وڄ ڪرڻ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا، راولپنڊي ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو
موسميات کاتي ڪشمير، مالاڪنڊ، هزاره ۽ گوجرانوالا ڊويزن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، اين ڊي ايم اي پاران مختلف ضلعن ۾ 200 ملي ميٽر برسات جا امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اتر اوڀر ۽ ڏکڻ پنجاب کانسواءِ پشاور ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو امڪان آهي، ڪراچي سميت سنڌ جا هيٺيان علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي سگهن ٿا