تازا ترين

ثبوت عدالت ۾ پيش ڪندا پيا اچون، جوابدارن کي سزا ضرور ملندي: ام رباب

دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو  جي والد سميت ٽن گهرڀاتين  جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي، ام رباب چانڊيو وڪيل ۽ فريادي سميت عدالت پهتي

سردار احمد چانڊيو، برهان چانڊيو ۽ ٻيا به عدالت ۾ پيش ٿيا، بينڪ مئنيجر ۽ جوابدار عبدالستار جي گرفتاري ۾ مشير اهلڪار اسد علي جو به بيان رڪارڊ ڪيو ويو

ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ عدالت ۾ واقعي ۾ استعمال ٿيل گاڏي  جيڪا لون تي ورتل هئي ان بئنڪ مئنيجرجو بيان رڪارڊ ٿيو آهي

هن چيو ته بئنڪ مئنيجر عدالت ۾ بيان ڏنو ته هنن لون تي  گاڏي ڏني هئي جنهن مان ظاهر ٿيو ته جوابدارن  کي سهولتون فراهم ڪيون ويون

ام رباب چانڊيو چيو ته عدالت ۾ گرفتار جوابدار عبدالستار جي  گرفتاري ۾ مشير اهلڪار اسد علي جو  به بيان رڪارڊ ٿيو آهي

هن چيو ته اسان عدالت ۾ ثبوت پيش ڪندا پيا وڃون، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن جوابدارن  کي سزا ضرور ملندي

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوري سنڌ ۾ 25 آگسٽ کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان، ڪراچي ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو

ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ 25 آگسٽ کان تيز برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے