تازا ترين

پهرين آگسٽ کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد: (اربع: 31 جولاءِ 2024ع)  عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ کان پوءِ پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب پهرين آگسٽ کان پيٽروليم شيون 11 روپيه في ليٽر تائين سستيون ٿيڻ جو امڪان آهي، ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 5 روپيه 50 پئسا ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 11 روپين تائين لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

اهڙي طرح گاسليٽ 5 روپيه 84 پئسن تائين في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ به 5 روپيه في ليٽر تائين لاٿ جو امڪان آهي. گذريل 10 ڏينهن جي دوران عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جو تيل سستو ٿيو. اوگرا عالمي مارڪيٽ جي حوالي سان پيٽروليم شين جون قيمتون اڄ طئي ڪندي. وزيراعظم جي حتمي منظوري سان قيمتن جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے