تازا ترين

ڪراچي: پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندڙ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جا اڳواڻ گرفتار، ايڇ آر سي پي جي مذمت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻن کي پوليس ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب، گرفتار ٿيل اڳواڻن ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ فوزيه بلوچ سميت ست ٻيون عورتون ۽ مرد شامل آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل اڳواڻ بلوچستان ۾ ” راجي مچي “ جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت آگاهه ڪرڻ آيا هئا.

ٻئي پاسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻن وهاب بلوچ، عبدالرحمان شاهه، مير بلوچ، ايڇ آر سي پي جي چيئرمين اسد اقبال بٽ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ گرفتارين جي سخت مذمت سندن آزاديءَ جو مطالبو ڪيو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے