فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) مالي سال جي پهرين مهيني جولاءِ ۾ هدف کان وڌيڪ اوڳاڙيون گڏ ڪري ورتيون.
ايف بي آر هلندڙ مالي سال جي پهرين مهيني ۾ مقرر ڪيل 656 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 659.2 ارب رپين جو روينيو گڏ ڪيو، جڏهن ته جولاءِ ۾ 77.9 ارب رپين جا ريفنڊ پڻ جاري ڪيا ويا.
ايف بي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب جولاءِ ۾ انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 300.2 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا، سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 307.9 ارب رپيا گڏ ٿيا.
پڌرائي موجب فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ 37.4 ارب رپيا ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ 91.7 ارب رپيا وصول ڪيا ويا.