کير ٿر جي جابلو پٽي تي وسڪارن بعد ڪاڇي ۾ مختلف نيئون وهي آيون، 4 يونين ڪائونسلز جو جوهي سان زميني رابطو ڪاٽا
کير ٿر تي وسڪارن بعد نئين گاج، نئين انگئي، نئين کندائي ۽ ٻيون نيئون وهي اچڻ سبب جوهي ڇني روڊ پاڻيءَ هيٺ اچي ويو
يونين ڪائونسل ٽنڊو رحيم خان، ڇني، شاهه حسين ۽ يو سي ساوڙو جو ٻئي ڏينهن به جوهي سان زميني رابطو ڪاٽا
علائقي واسين موجب ڇني پل وٽ ماڻهو هڪ موٽرسائيڪل پار ڪرائڻ جا 2 سئو روپيا اوڳاڙي رهيا آهن، ضلعي انتظاميا ڪا به سار نه لڌي