مشهور ليکڪ خليل الرحمان قمر ليڪ ٿيل وڊيوز خلاف سائبر ڪرائم ۾ درخواست ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار دوکي سان گهرائي اڻوڻندڙ وڊيوز ٺاهيون.
پنهنجي درخواست ۾ خليل الرحمان قمر چيو ته جوابدار مون کيس بليڪ ميل ڪري ڳري رقم ورتي، وڌيڪ رقم نه ڏيڻ تان اڻوڻندڙ وڊيوز وائرل ڪري ڇڏيون.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غير اخلاقي وڊيوز وائرل ٿيڻ سبب سندس ساک کي نقصان رسيو، ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
ٻئي پاسي سائبر ڪرائم اختيارين جو چوڻ آهي ته خليل الرحمان قمر جي درخواست ملي چڪي آهي، تمام جلد جاچ شروع ڪئي ويندي.