خيبرپختونخوا ۾ گذريل ٽن ڏينهن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 24 ڄڻا فوت ۽ 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي رپورٽ موجب صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 150 گهرن کي نقصان پهتو. پي ڊي ايم اي موجب ٽن ڏينهن دوران برسات ۽ ٻوڏ سبب 24 ڄڻا فوت ۽ 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته برسات سبب بند ٿيل رستا کولڻ لاءِ ننڍي وڏي مشينري استعمال ڪئي پئي وڃي.
پي ڊي ايم اي ٻڌايو ته صوبي ۾ اڄ کان چوماسي برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيندو جيڪو 6 آگسٽ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي موجب مٿانهن ضلعن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ڍنڍن ۾ چاڙهه سبب شهرن ۾ اربن فلڊنگ جو به خدشو آهي.
پي ڊي ايم اي سڀني ضلعن جي انتظاميا کي موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ اڻ وڻندڙ واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظاميا کي مشينري موجود رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.