مشهور ٽي وي ميزبان ڊاڪٽر مرحوم عامر لياقت جي بيواهه دانيا شاهه جي ٻئي مڙس حڪيم شهزاد انڪشاف ڪيو آهي ته اِها سندس دانيا سان چوٿين شادي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ٻي شادي جي تصديق بابت دانيا شاهه جو وڊيو بيان سامهون آيو هو جنهن ۾ سندس چوڻ هوته هن ڪجهه مهينا اڳ حڪيم شهزاد سان ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي.
هاڻ دانيا شادي کانپوءِ پهرئين انٽرويو ۾ ٻڌايو ته فلحال نڪاح ٿيو آهي، رخصتي ۽ وليمو بعد ۾ ٿيندو، مونکي ساٿي جي ضرورت هئي ۽ اِهو فيصلو گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ ڪيو، خواهش آهي ته هر بيواهه کي حڪيم شهزاد جهڙو ساٿي ملي.
هڪ سوال جي جواب ۾ حڪيم شهزاد چيو ته مان دانيا جو وڪيل بڻيس تي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن غيراخلاقي تبصرا ڪيا، تبصرن ۾ دانيا کي عامر لياقت جي قاتل ۽ بدڪردار عورت چيو، واهپيدارن جي اهڙي رويي تمام گهڻو مايوس ڪيو جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ هئي.
ميزبان سوال ڪيو ته سوشل ميڊيا تي افواهه آهن ته عامر لياقت کانپوءِ حڪيم شهزاد جو نمبر آهي جنهن تي دانيا جي مڙس چيو ته اِهي فضول ڳالهيون آهن ته دانيا سندس وڊيوز ليڪ ڪيون جنهن تي هن آپگهات ڪري ڇڏيو، اِهو ڪوڙ آهي، عامر لياقت خودڪشي ناهي ڪئي، کيس ماريو ويو آهي.
حڪيم شهزاد پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته عامر لياقت جي قتل کانپوءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي وئي ته سندس پوسٽ مارٽم ٿئي پر اِهو نه ڪرائڻ ڏنو ويو، آخر ائين ڇو ڪيو ويو؟ ڏينهن ڏٺي جو هڪ ايم اين اي کي قتل ڪيو ويو ۽ بهانو بڻايو ويو دانيا طرفان وڊيوز ليڪ ڪرڻ سبب هن آپگهات ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته عامر لياقت ايڏو ته مضبوط ۽ ڦرتيلو شخص هو سندس هڪ ڇا هڪ ڪروڙ وڊيوز به ليڪ ٿي وڃن تڏهن به هو آپگهات نه ڪري ها، دانيا تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام مڙهيا ويا.
حڪيم شهزاد چيو ڪجهه مهينا اڳ اسان ٻنهي ۾ ويجهڙائي ٿي، ساڻس ڪو به مرد نه هو، هڪ ننڍڙو ڀاءَ اٿس، مون کي سٺي لڳي ۽ محبت ٿي وئي، جڏهن منهنجي دانيا جي ماءُ سان پهرين ملاقات ٿي ۽ هن مدد طلب ڪئي ته مون شرط رکيو ته مان دانيا سان شادي ڪندس ڇو ته جيڪڏهن ائين ئي سندس ڪيس وڙهان ها ته ماڻهو هن کي بدڪردار چون ها ۽ الزام لڳائين ها.