وچ اوڀر جي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ چين، روس ۽ الجزائر حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل جي مذمت ڪئي.
ايران جي درخواست تي سڏايل سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڏنو ويو.
اجلاس ۾ ايراني سفير چيو ته تهران هميشه صبر جو مظاهرو ڪيو آهي پر جواب ڏيڻ جو حق رکون ٿا.
اجلاس ۾ ايراني سفير مطالبو ڪيو ته سلامتي ڪائونسل اسرائيلي حملي جي مذمت ڪري ۽ اسرائيل تي پابنديون لاڳو ڪري.
ايراني سفير جي جواب ۾ نائب اسرائيلي سفير جونٿن ملر چيو ته سلامتي ڪائونسل ايران تي علائقائي دهشتگردي جي حمايت ڪرڻ تي پابنديون لڳايون آهن.
اسرائيلي سفير چيو ته اسرائيل پنهنجو دفاع ڪندو، نقصان ڪندڙن کي طاقت سان جواب ڏيندو.
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ چين جي سفير فو ڪانگ چيو ته غزه ۾ جنگبندي جي ناڪامي خطي ۾ ڇڪتاڻ جو سبب آهي.
برطانوي سفير باربرا ووڊورڊز چيو ته اسرائيل ۽ فلسطين کي امن لاءِ نئين سر ڪوششون ڪرڻ گهرجن.
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ آمريڪي نائب سفير رابرٽ ووڊ چيو ته بااثر ملڪ ايران تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ دٻاءُ وجهن.
جاپان جي نائب سفير شينو مٽسوڪو چيو ته وچ اوڀر جنگ جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي.
واضح رهي ته حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي شهادت کانپوءِ ايران جي درخواست تي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو هو.