ڪراچي (رپورٽ: بالاچ شاهاڻي) سنڌ ڪابينا ۾ ڦير ڦار ڪرڻ جا امڪان آهن،مختلف وزيرن جا کاتا تبديل ڪرڻ تي غور شروع ٿي ويو
ذريعن موجب مڪاني ادارن واري کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني کان کاتو واپس وٺي ناصر شاھه حوالي ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي
ذريعن موجب لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جا قلمدان صوبائي صلاحڪار نجمي عالم کان واپس وٺڻ تي غور شروع ٿي ويو
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي کان کاتو واپس وٺي لائيو اسٽاڪ جي وزارت ڏني ويندي
ذريعن موجب سنڌ جي مختلف وزيرن جي کاتن ۾ ڦير ڦار لاءِ ڪجھه ئي ڏينهن اندر حتمي فيصلو ڪرڻ جو امڪان آهي