تازا ترين

نئين طاقتور چوماسي سسٽم جي آمد، سنڌ ۾ وڌيڪ تيز برساتن جي اڳڪٿي

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طاقتور مون سون هوائون ٻه آگسٽ کان راجسٿان ۽ عربي سمنڊ وٽان سنڌ تي اثرانداز ٿي سگهن ٿيون.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ٻه کان ڇهه آگسٽ دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گجگوڙ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي ۽ ٽي کان پنج آگسٽ دوران ڪراچيءَ ۾ به وچولي ۽ تيز برساتن ٿي سگهي ٿ.

موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي بوندا باندي ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي، شهر ۾ گرمي پد 31 کان 33 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته تيز برساتن سبب سنڌ جي هيٺائين واري علائقا پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا، تيز برساتن سبب کيرٿر ۽ بلوچستان جي جابلو نئن، ڍورن ۾ چاڙهه جو خدشو آهي، جڏهن ته دادو، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ڄامشورو ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.

موسميات کاتي موجب، شديد برساتن، آنڌاري ۽ گجگوڙ کڻ سبب ڪمزور اڏاوتن ۽ سولر پئنل کي نقصان جو انديشڪو آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے