تازا ترين

ناڻي واري وزير جو آءِ ايم ايف مان ڇوٽڪارو بابت اهم بيان

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته معيشت بابت سٺيون خبرون اچڻ شروع ٿي ويون آهن جڏهن ته آءِ ايم ايف مان ڇوٽڪاري لاءِ سڌارا اڻٽر آهن.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ ملڪ معاشي استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي، معاشي سڌارن سان ئي ملڪ ترقي ڪندو، ايف بي آر هلندڙ مالي سال جي پهرئين مهيني ۾ هدف ڪاميابي سان حاصل ڪيو.

ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته فچ پاڪستان جي ريٽنگ کي بهتر ڪيو آهي، آءِ ايم ايف جي نئين قرض پروگرام سان عالمي سطح تي اعتماد بهتر ٿيو آهي، حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ ڏيڻ آهي، آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ قرض پروگرام جي منطوري ڏيندو جڏهن ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪاري لاءِ سڌارا اڻٽر آهن.

هن وڌيڪ چيو ته معيشت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري راغب ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، نجي شعبي جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا پر حڪومت اهڙي ڪاروبار ۾ شامل نه ٿيندي جيڪو نجي شعبو ڪندو آهي.

محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته مرڪزي بينڪ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻڻا پوندا، پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ برآمدات کي وڌائڻ ضروري آهي، پرائيويٽ سيڪٽر کي اڳتي آڻڻو پوندو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے