پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ مان ٽي وي، ڪمپيوٽرز، ڪيمرا ۽ دستاويز چوري ٿيڻ جو الزام هنيو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي سي ڊي اي جي عملي پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ ڊي سيل ڪئي هئي. جنهن کانپوءِ سيڪريٽري جنرل پي ٽي آءِ عمر ايوب پارٽي آفيس ۾ ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ مان ٽي وي، ڪمپيوٽرز، ڪيمرا ۽ دستاويز چوري ڪيا ويا آهن.
عمر ايوب موجب آفيس مان سامان چوري خلاف آءِ جي، ايس ايس پي آپريشن، ايس ايڇ او، چيئرمين سي ڊي اي ۽ ڊائريڪٽر انرجي مئنيجمينٽ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين، هي سڀ ڌاڙيل آهن، جيستائين پنهنجون نوڪريون ڪندا، ايف آءِ آر سندن پيڇو ڪندي.
عمر ايوب وڌيڪ چيو ته آفيس جي صورتحال ڏسي لڳي ٿو ته ڪو قلعو فتح ڪيو ويو هجي.