تازا ترين

” ڇوڪريون اڄڪلهه شادي شده مردن جي پٺيان آهن“: فاطما آفندي

پاڪستاني اداڪارا فاطما آفندي چيو آهي ته اڄڪلهه ڇوڪريون شادي شده مردن جو پيڇو ڪري رهيون آهن.

ويجهڙائي ۾ اداڪارا فاطما آندي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران ميزبان کائنس ڪيريئر سميت نجي زندگي بابت مختلف سوال ڪيا.

هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته اڄڪلهه هن زالن کي ڏٺو آهي جيڪڏهن ڪا ڇوڪري سندن مڙس جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ٿي هو ڇوڪري سان وڙهڻ تي لهي اينديون آهن پر حقيقت ۾ اوهان جو پنهنجو سڪو کوٽو آهي ڇو ته اوهان جو مڙس معصوم ٻار نه آهي.

هن چيو ته اهڙي قسم جي ڪيسن ۾ عورتون به مڪمل طور بي قصور نه آهن ڇو ته منهنجي نظر ۾ ڇوڪريون هاڻي شادي شده مردن کي پسند ڪري رهيون آهن،

سندس چوڻ هو ته ڇو ته شادي شده مرد معاشي طور وڌيڪ مضبوط آهن ائين چئو ته هاڻي شيون گهڻيون materialistic ٿي ويون آهن.

اداڪارا چيو ته ان سموري صورتحال ۾ گهڻي ڀاڱي سوشل ميڊيا جو به ڪردار آهي ڇو ته هاڻي ماڻهو سوشل ميڊيا تي نظر ايندڙ لائيف اسٽائيل مان متاثر ٿي رهيا آهن، هو به اهڙي زندگي چاهين ٿا اِهو سڀ ڏسي پنهنجي ٻارن جي مستقبل بابت ڊپ ٿئي ٿو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

تاپسي ۽ وڪرانت جي ” ڦر آئي حسين دلربا“ نيٽ فلڪس تي رليز

بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پنو ۽ وڪرانت ميسي جي نئين فلم ” ڦر آئي حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے