تازا ترين

ڪاش ڪو مشرف جهڙو اچي ۽ پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ بحال ڪرائي: يونس خان

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان چيو آهي ته ڪاش اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جهڙو ڪو اچي ۽ پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ بحال ڪري، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪرڪيٽ ضروري آهي، خواهش آهي ته روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي پاڪستان اچي کيڏن، وقار يونس جو پي سي بي جي معاملا ڏسڻ سٺي سنئوڻ آهي.

هڪ بيان ۾ يونس خان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچون ٿيڻ گهرجن، ڀارتي ڪرڪيٽرز کي پاڪستان ۾ کيڏندو ڏسڻ چاهيان ٿو، جڏهن اسان ڀارت ويندا آهيو ته اسان کي اتي عزت ملندي آهي.

اڳوڻي ڪپتان وقار يونس کي پي سي بي چيئرمين جو ڪرڪيٽ معاملن بابت صلاحڪار بڻائڻ بابت سوال تي يونس خان چيو ته اهڙن ماڻهن کي ذميواري ملڻ گهرجي جيڪي نڀائي سگهن، مان وقار يونس جي ڪپتاني ۾ کيڏيو آهيان، سندس بورڊ ۾ اچڻ سٺو سنئوڻ آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

سريلنڪن ڪرڪيٽر تي ميچ فڪسنگ جو الزام، آءِ سي سي جو ايڪشن

سريلنڪن اسپنر پراوين جيا وڪرما کان آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے