اطلاعات واري وزارت ۾ ڳري معاوضي ۽ اسپيشل پي اسڪيل تي 3 ڀرتيون ڪيون ويون آھن جن جي وزيراعظم شهباز شريف منظوري ڏئي ڇڏي آھي.
وزيراعظم اطلاعات واري وزارت ۾ اسپيشل پي اسڪيل تحت 3 ڀرتين جي منظوري ڏني، محمد زيبان سيد کي هڪ سال لاءِ بطور هيڊ آف مارڪيٽنگ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته طيب حميد کي هڪ سال لاءِ بطور هيڊ آف ڊيٽا مقرر ڪيو ويو آهي ۽ عبدالله کرل کي به هڪ سال لاءِ بطور هيڊ آف اسٽريٽيجي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، اسپيشل پي اسڪيل تحت مقررٿيل ملازمن جي پگهار 15 کان 20 لک رپيا ماهوار هوندي.