ڀارتي ڪپتان روهت شرما مداحن پاران سندس ميم ٺاهڻ بعد سوشل ميڊيا تان شيئر ڪيل پنهنجون تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، روهت شرما انسٽاگرام تي ڀارت ۽ سريلنڪا جي ون ڊي ميچ کان اڳ ٿيل پريڪٽس سيشن جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون جيڪي اصل ۾ ايڊٽ ڪيون ويون هيون.
بي سي سي آءِ طرفان جڏهن پريڪٽس سيشن جون اصل تصويرون شيئر ڪيون ويون تڏهن پتو پيو ته روهت شرما تصويرن سان حرڪت ( ايڊٽ ) ڪئي آهي.
ڀارتي ڪپتان روهت شرما پاران شيئر ڪيل تصوير ۾ پيٽ ۽ ٻانهن کي سنهو ڏيکاريو ويو آهي، پر جڏهن سوشل ميڊيا واهپيدارن فوري طور ايڊٽ ٿيل تصويرن جي نشاندهي ڪئي جنهن بعد اِهي تصويرون تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيون آهن
وائرل تصويرن ۾ روهت شرما طرفان شيئر ڪيل تصويرن ۽ بي سي سي آءِ جون تصويرن ۾ واضح فرق ڏسي سگهجي ٿو.
ان کانپوءِ روهت شرما پنهنجي پوسٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي ۽ تصويرون مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي وائرل ٿي چڪيون هيون.
هڪ واهپيدار ٺٺول ڪندي ٽوئيٽ ڪئي ته هوشيار رهو، اِها نئين ٽڪنيڪ آهي جنهن ذريعي ٻانهن سنهي ٿي سگهي ٿي