تازا ترين

ظابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ رانديگرن تي پابندي مڙهڻ جو فيصلو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ دوران ڊسپلين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪرڪيٽرز خلاف گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب، ڪرڪيٽرن طرفان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي خلاف منظم مهم هلائي پئي وڃي، پر پي سي بي ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچڻ بنا ڪرڪيٽرن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ اڳوڻي ڪپتان تي ٻڌل ڪميٽي سينيئر مئنيجر وهاب رياض، مئنيجر منصور رانا ۽ پرڏيهي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن جي رپورٽس تي ڪارروائي ڪندي.

ذريعن موجب، وقار يونس سموري عمل جو حصو هوندو ۽ قومي ٽيم جي رانديگرن جي حوالي سان ٽن رپورٽس جو جائزو ورتو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ رپورٽ آزداڻي انٽيليجنس کان تيار ڪرائي وئي آهي، پي سي بي ڊسپلنري ڪميٽي رپورٽ جو تفصيلي جائزو وٺندي، ڪميٽي جو سربراهه هڪ اڳوڻو ڪپتان مقرر ڪيو ويندو جيڪو سڌي ريت ڪارروائي جي نگراني ڪندو.

ذريعن موجب، ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ رانديگرن جي مستقبل بابت فيصلا ڪيا ويندا، جڏهن ته حتمي سفارشن تي عملدرآمد ۾ وقار يونس ۽ محسن نقوي شامل هوندا.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

سريلنڪن ڪرڪيٽر تي ميچ فڪسنگ جو الزام، آءِ سي سي جو ايڪشن

سريلنڪن اسپنر پراوين جيا وڪرما کان آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے