تازا ترين

هيما مالني اميتاڀ جي زال جو ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪار جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

بالي ووڊ جي سپر هٽ فلم باغبان ۾ ماءُ جو ڪردار ادا ڪندڙ هيما مالني فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، فلم جي سالگرهه جي موقعي تي هيما مالني والدين جي ڪردار کي وڏي پردي تي پيش ڪرڻ بابت گفتگو ڪئي.

هيما مالني ٻڌايو ته هوءَ فلم باغبان ۾ ماءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ڇو ته هن پهريان ڪڏهن به اهڙو ڪردار ادا نه ڪيو، پر پنهنجي ماءُ جي زور ڀرڻ تي فلم ۾ چئن نوجوانن جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي حامي ڀري ورتي.

هيما مالني موجب، سندس امڙ زور ڀريو ته اميتاڀ بچن فلم جي ڪاسٽ ۾ شامل آهي جيڪو پيءُ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جنهن کانپوءِ هوءَ باغبان ۾ ڪم ڪرڻ تي راضي ٿي وئي.

واضح رهي ته فلم ۾ اداڪار سلمان خان سميت امن ورما، سمير سوني، ساحل چڍا ۽ ناصر خان سندن اولاد جو ڪردار ادا ڪيو هو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

تاپسي ۽ وڪرانت جي ” ڦر آئي حسين دلربا“ نيٽ فلڪس تي رليز

بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پنو ۽ وڪرانت ميسي جي نئين فلم ” ڦر آئي حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے