ايندڙ سال پاڪستان ۾ ٿيل آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ست ڪروڙ ڊالرز جي بجيٽ منظور ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي بجيٽ آءِ سي سي جي فنانشل ۽ ڪمرشل ڪميٽي طرفان اسڪروٽني کانپوءِ منظور ڪئي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ستر ملين ( ست ڪروڙ ) ڊالرز جي بجيٽ مختص ڪئي وئي آهي ۽ ايونٽ جي اضافي خرچن لاءِ 4.5 ملين ڊالرز جي اضافي رقم منظور ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته آءِ سي سي فنانشنل ۽ ڪمرشل ڪميٽي جي سربراهي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري جئه شاهه وٽ آهي.