تازا ترين

ڪراچي: بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ريلي تي پوليس ڪڙڪي پئي، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي مظاهرين تي پوليس ڪڙڪي پئي، سماجي ڪارڪن ندا ڪرماڻي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران اڄ ڪراچي آرٽس ڪائونسل کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.

ڪراچي آرٽس ڪائونسل کان پريس ڪلب تائين ريلي جي صورت ۾ ويندڙ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي احتجاج ۾ سول سوسائيٽي جي ڪارڪنن به شرڪت ڪئي.

اڳواڻن موجب، هو ريلي جي صورت ۾ پريس ڪلب تائين وڃڻ چاهين پيا پر پوليس ريلي کي آرٽس ڪائونسل وٽ کي روڪي ڇڏيو ۽ رستا بند ڪري ڇڏيا.

مظاهرين موجب، ماڻهو رنڊڪون هٽائي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين گرفتار ڪري ورتو ۽ جڏهن احتجاج ۾ موجود عورتن کين ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس عورتن کي به گرفتار ڪري ورتو جنهن ۾ سماجي ڪارڪن ندا ڪرماڻي به شامل آهي.

سماجي ڪارڪن ندا ڪرماڻي سميت ڪيئي مظاهرين جي گرفتاري ۽ پوليس جي ڪرڪ ڊائون جون وڊويز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن.

ڪراچي ۾ برسات باوجود بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جا ڪارڪن ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن.

سندن چوڻ آهي ته جيستائين سندن گرفتار ساٿين کي آزاد نه ڪيو ويندو تيستائين هو ڌرڻو ختم نه ڪندا.

ٻئي پاسي پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ڌرڻي واري هنڌ قيدين جي وين به گهرائي وئي آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے