گوگل ڪروم آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) ٽيڪنالاجي تي ٻڌل 3 نوان فيچر متعارف ڪرايا آهن.گوگل طرفان انهن فيچرز جو اعلان به ڪيو ويو آهي.
ڪمپني موجب، هي 3 فيچرز گوگل ڪروم جي ڊيسڪ ٽاپ ورزن لاءِ متعارت ڪرايا پيا وڃن، پهرين فيچر کان ڪروم ۾ گوگل لينس ۾ اهڙي تبديلي ڪئي وئي آهي ته جيئن ان کي سرڪل ٽو سرچ جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي، گوگل هڪ بلاگ پوسٽ ۾ چيو آهي ته هن فيچر تحت جڏهن ويب پيج تي ڪنهن شيءَ کي منتخب ڪيو ويندو ته ڪروم ۾ لينس آئڪن ٽول تي ڪلڪ ڪري ان سان لاڳاپيل تفصيل سائڊ پينل تي ڏيکاريا ويندا.
بلاگ پوسٽ جي مطابق، سائڊ پينل ۾ صارفين رنگ، برانڊ ۽ ٻين تفصيلن لاءِ ملٽي سرچ استعمال ڪرڻ جي قابل هوندا ۽ گوگل جيمني ذريعي پنهنجي ذهن ۾ موجود سوالن جا جواب به حاصل ڪري سگهندا.
ڪروم ۾ ٽيب ڪمپيئر نالي هڪ فيچر پڻ متعارف ڪرايو پيو وڃي، جيڪو ڪيترن ئي شين جي ٽيب کي هڪ ونڊو ۾ گڏ ڪندو ۽ اي آءِ جي مدد سان هر شيءِ جي مختصر وضاحت فراهم ڪندو.
هي فيچر آن لائن خريداري لاءِ مددگار ثابت ٿيندو ڇو ته صارف هڪ ئي جاءِ تي مختلف ڪمپنين جي شين جي قيمت ۽ ٻيا تفصيل ڏسي سگهندا.
ٽئين فيچر ذريعي، صارفين برائوزر جي هسٽري کان ويب پيجز کي وڌيڪ آساني سان ڳولڻ جي قابل هوندا ۽ اي آءِ ٽيڪنالاجي انهن جي مدد ڪندي.
ايندڙ هفتي هي 3 خاصيتون پهريون ڀيرو آمريڪا ۾ صارفين لاءِ دستياب هونديون، گوگل طرفان اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿيو ته اهي فيچر ٻين ملڪن ۾ ڪڏهن متعارف ڪرائي سگهجن ٿا.