پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ريفرنس ۾ جاچ آفيسر ڊپٽي ڊائريڪٽر ميان عمر نديم جو عدالت ۾ رڪارڊ ڪرايل بيان سامهون اچي ويو آهي.
جاچ آفيسر ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب ميان عمر نديم 30 جولاءِ تي احتساب عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو هو، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته ريفرنس تي انڪوائري جو اختيار 7 ڊسمبر 2022 تي مليو ۽ جاچ 28 اپريل تي شروع ڪئي، رڪارڊ موجب ڪابينh پرڏيهي اثاثن جي ريڪوري لاءِ ريڪوري يونٽ جي منظوري ڏني.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽرسٽ ڊيڊ تي ضياءَ المصفطيٰ نسيم شاهد طور صحيحون ڪيون، ان تي ناڻي واري وزارت، پرڏيهي وزارت ۽ قانون واري وزارت جي راءِ نه ورتي وئي، ٽرسٽ ۾ ترميم ڪري پي ٽي آءِ باني، بشريٰ بي بي ۽ ذلفي بخاري کي شامل ڪيو ويو، بشريٰ بي بي 24 مارچ 2021ع عطيي جي اقرار نامي تي صحيحون پڻ ڪيون.
جاچ آفيسر موجب، القادر ٽرسٽ جي آڙ ۾ 240 ڪنال جي ايراضي فرح شهزادي جي نالي تي متنقل ڪئي وئي، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي ايراضي جي وڪرو بابت ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا، ٻنهي کي ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ ڪيترائي نوٽيس جاري ڪيا ويا پر سهڪار نه ڪيو ويو.
جاچ آفيسر جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدارن رياست لاءِ فنڊز جي منتقلي جا ثبوت پيش ڪرڻ ۾ مب مڪمل ناڪام رهيا، موهڙا نور اسلام آباد ۾ 240 ڪنال ايراضي فراڊ ذريعي جوابدارن جي نالي تي منتقل ڪئي وئي، القادر ٽرسٽ پراپرٽي ۾ فرح شهزادي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي فرنٽ پرسن طور ڪم ڪيو.