آمريڪا پاران اسرائيل کي ايران جي امڪاني حملي کان بچائڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ جنگي ٻيڙو ۽ ويڙهاڪ جهاز اماڻڻ جو اعلان، آمريڪا جي دفاع واري کاتي پينٽاگون جي ترجمان سيبرينا سنگهه پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران جي اسرائيل تي امڪاني حملي جي خطري سبب آمريڪا پاران هڪ وڌيڪ جنگي ٻيڙو ۽ ويڙهاڪ جهاز وچ اوڀر اماڻيا پيا وڃن، پينٽاگون موجب خطي ۾ اهڙا اضافي جهاز مقرر ڪيا پيا وڃن جيڪي بئلسٽڪ ميزائيل فائر ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، تهران ۾ حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه جي قتل بعد ايراني حڪومت اسرائيل کان پلاند وٺڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي، پينٽاگون جو چوڻ آهي ته آمريڪا اسرائيل جو تحفظ يقيني بڻائڻ واري عزم تي قائم آهي
