اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو
سي ٽي ڊي پاران رئوف حسن جو 7 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏيڻ واري استدعا رد، گذريل ڏينهن عدالت رئوف حسن کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي پوليس حوالي ڪيو هو
سي ٽي ڊي پاران هٿيار ۽ بارود هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ رئوف حسن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، رئوف حسن کي گذريل مهيني اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ تي ڇاپي دوران گرفتار ڪيو ويو هو
ايف آءِ اي پاران رياست ۽ قومي ادارن خلاف نفرت پکيڙڻ جي الزامن هيٺ رئوف حسن کي گرفتار ڪيو ويو هو