تازا ترين

بلوچستان حڪومت لکت واري معاهدي تحت بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي 77 گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪري ڇڏيو

بلوچستان حڪومت ڪامياب ڳالهين کان پوءِ ٿيل لکت واري معاهدي جي تحت بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي گرفتار 77 ڪارڪنن کي آزاد ڪري ڇڏيو.

گوادر ۾ گذريل ڏينهن بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ۽ حڪومت وچ ۾ ڪامياب ڳالهين کي لکت جي شڪل ڏئي صحيحون ڪيون هيون. ڊپٽي ڪمشنر گوادر حمودالرحمان ٻڌايو ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي طرفان ڌرڻو ختم ڪرڻ کان پوءِ لکت واري معاهدي موجب انهن جي 77 گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر گوادر ٻڌايو ته حڪومت طرفان رنڊڪون هٽائي اهم روڊ کولڻ جو عمل جاري آهي جڏهن ته گوادر ۾ مواصلاتي نظام بحال ڪرڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

ياد رهي ته گوادر سميت صوبي ۾ مختلف هنڌن تي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڌرڻن سبب قومي شاهراهه سميت مختلف روڊ بند هئا جنهن سبب ڪراچي، خضدار، حب، قلات، سوراب، تربت، پنجگور ۽ گوادر ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ سخت متاثر هئي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے