سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ستر سيڪڙو گيس پيدا ڪندي آهي، اسان کي پنهنجي صنعتن لاءِ آر ايل اين جيز بدران پنهنجي گيس جي ضرورت آهي ۽ ان تي سڀني فورمن تي ڳالهائينداسين. پاڪستان جي توانائي بحران جو حل فقط سنڌ وٽ آهي. ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي. سڄي ملڪ جي توانائي جون ضرورتون هتان پوريون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪڏهن ٿر جو ڪوئلو استعمال ڪيو وڃي ته بجلي جي قيمت ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. اسان ڪي اليڪٽرڪ کي نوري آباد پاور پلانٽ مان رڳو 15 رپيا 80 پئسا في يونٽ بجلي ڏئي رهيا آهيون جيڪا صنعتن ۽ گهريلو صارفين کي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪئي پئي وڃي. ڪراچي ترقي ڪندو ته پاڪستان خوشحال ٿيندو. هن وقت 46 سيڪڙو ايڪسپورٽ ڪراچي مان ٿئي ٿي جيڪا 80 سيڪڙو ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڪسپو سينٽر ۾ ڪوٺايل مائي ڪراچي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، ڪاروباري برادري جي نمائندن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، وڏي وزير جي پهچڻ تي واپاري اڳواڻ زبير موتي والا سندس ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ڄام خان شورو، ڄام اڪرام ڌاريجو ۽ ذوالفقار شاهه پڻ موجود هئا. وڏي وزير مائي ڪراچي نمائش منعقد ڪرائڻ تي سراج قاسم تيلي جي خدمتن کي به خراج تحسين پيش ڪيو. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته مهانگي بجلي ۽ تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب ڪيتريون ئي صنعتون ڏکائين کي منهن ڏئي رهيون آهن ۽ ڪيتريون ئي بند ٿي ويون آهن. مون هميشه چيو آهي ته مهانگي بجلي جو حل اسان وٽ آهي. سنڌ پاڪستان جي انرجي باسڪٽ آهي. سنڌ ستر سيڪڙو گيس پيدا ڪري ٿي ۽ آئين ۾ لکيل آهي ته جيڪو صوبو گئس پيدا ڪري ٿو ان کي اوليت ڏني وڃي ٿي پر سنڌ جي صنعتن کي گئس نه ملي رهي آهي. سڄو ملڪ پاڪستان جي ترقي ۽ برآمدات تي هلي ٿو. سنڌ مان پيدا ٿيندڙ گئس جو ستر سيڪڙو سنڌ جي صنعتن لاءِ گهربل آهي. مون ڪيترن ئي فورمن تي اهو واضح ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ ايترو ڪوئلو موجود آهي جو سڄي پاڪستان جي توانائي ۽ ڀاڻ جي ضرورت پوري ڪري سگهجي ٿي. ان ڪوئلي مان ڊيزل به ٺاهي سڄي پاڪستان کي سپلاءِ ڪري سگهجي ٿو. هن وقت پاڪستان ۾ سڀ کان سستي بجلي ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿي رهي آهي. نوري آباد پاور پلانٽ مان ڪي اليڪٽرڪ کي 100 ميگاواٽ بجلي 15 رپيا في يونٽ جي حساب سان فراهم ڪئي پئي وڃي جيڪا صنعتڪارن کي 48 رپيا ۽ 200 يونٽن کان گھٽ گھريلو صارفين کي 24 کان 25 رپيا في يونٽ کان گھٽ ۾ وڪرو نه ڪيو پيو وڃي. ايتري سستي بجلي پيدا ڪرڻ باوجود اسان کي ٻيو پاور پلانٽ لڳائڻ نه ڏنو ويو. گهڻين ڏکائين کانپوءِ اسان کي نئين پاور ڪمپني ٺاهڻ جي منظوري ملي آهي جيڪا تمام جلد شروع ڪئي ويندي. جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجي وسيلن مان بجلي پيدا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ته بجلي جي قيمت پنجاهه سيڪڙو گهٽجي سگهي ٿي. مراد علي شاهه واضح ڪيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو سستي بجلي آندي هئي. شهيد بينظيرڀٽو جي آي پي پي پاور پاليسي کي بنگلاديش پڻ اختيار ڪيو. بدقسمتي سان هن پاليسي کي رد ڪيو ويو. ڪيپيسٽي چارجز جي مسئلي تي IPP سان ٻيهر ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. ان مسئلي کي ڊگھي عرصي واري رٿابندي سان حل ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏهن اها پاليسي ”اڄ نه، سڀاڻي ڏسبو“ واري هوندي ته مسئلو جيئن جو تيئن رهندو. عوام ۽ واپارين کي رليف ڏيڻ لاءِ اسان کي بجلي جي قيمتن کي ٻيهر ترتيب ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن ٽرانسميشن لائين ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ پئسا نه آهن ته توانائيءَ تي ٻڌل صنعتن کي وڏن پاور پلانٽس جي ويجهو منتقل ڪيو وڃي. وڏي وزير شڪايت ڪئي ته ميڊيا ڪراچي جو مثبت رخ نٿي ڏيکاري. هن مثال ڏنو ته ڪالهه جي هڪ وڏي اخبار ۾ اسان جي مثبت خبر کي غير جانبدار ڪري ڇڏيو ته ناظم آباد گرين بس ٽرمينل تي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ٽريفڪ بند ٿي وئي، پر لاهور ۾ برسات جي تباهي کي ٻارن جي راندين جي تصويرن ذريعي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اسان کي ڪراچي کي اون ڪرڻو پوندو. ڪراچي جا شهري ميڊيا سان گڏجي پنهنجي گهر کي نقصان نه پهچائين. جيڪڏهن اسان ايترا خراب هجون ها ته ماڻهو ڪراچي ڏانهن نه اچن ها. وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪراچي ۾ گهڻي سيڙپڪاري ڪئي آهي، هاڻي وڌيڪ ضرورت آهي. هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ 225 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ڪراچي ۾ مسئلا ضرور آهن پر صورتحال ايتري خراب ناهي. ڪو وقت هو جڏهن ڪراچي ۾ روزانو 50-50 لاش ملندا هئا. هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ ڪجهه اضافو ٿيو آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي ها پر اسان ان جي خاتمي لاءِ جوڳا اُپاءُ ورتا آهن. هن چيو ته اسان جي هر واقعي تي نظر آهي. وڏي وزير مائي ڪراچي نمائش منعقد ڪرائڻ تي ڪي سي سي آءِ کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته ڪراچي چيمبر پاران مائي ڪراچي نمائش 2024 جو افتتاح منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. ڪراچي نمائش صوبائي راڄڌاني جي اهم واقعن مان هڪ آهي، مائي ڪراچي نمائش جو بنياد 2004ع ۾ مرحوم سراج قاسم تيلي رکيو، سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن چيو ته ڪراچي منهنجي دل ۾ خاص جاءِ رکي ٿو جيڪا اسان جي ملڪ جي خوشحالي جي ضامن آهي، هن وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ واپارين جا مسئلا حل ڪيا وڃن. هن ڪي سي سي آءِ جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته واپارين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن.
هي به ڏسي سگهو ٿا
دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو
دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …