تازا ترين

سوئيڊن جو علائقائي ڇڪتاڻ سبب بيروت ۾ سفارتخانو بند ڪرڻ جو اعلان

يورپي ملڪ سوئيڊن علائقائي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ سفارتخانو بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، سوئيڊش پرڏيهي وزارت بيروت ۾ موجود سفارتي عملي کي قبرض وڃڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سوئيڊش پرڏيهي وزير سرڪاري رڊيو سان ڳالهائيندي چيو ته لبنان ۾ موجود سوئيڊش شهري جيترو جلدي ٿي سگهي اتان نڪري وڃن.

هن چيو ته سفارتخانو بند ڪرڻ جو فيصلو ابتدائي طور آگسٽ جي مهيني لاءِ ڪيو ويو آهي، سفارتخاني جي بندش ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي واڌ ٿي سگهي ٿي.

سندس چوڻ هوته لبنان ۾ سفارتخاني کي عارضي طور تي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جو منصوبو آهي، پرڏيهي وزارت صورتحال کي مانيٽر ڪري رهي آهي.

ياد رهي ته اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ ۽ حزب الله پاران پنهنجي اڳواڻ جو بدلو وٺڻ جو اعلان ڪري ڪيو ويو آهي.

هواڏنهن آمريڪا ۽ برطانيا به پنهنجي شهرين کي فوري طور لبنان ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي، لبنان ۾ آمريڪي سفارتخاني هدايت ڪئي آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيخ حسينا واجد پاران بنگلاديش واپسي جو فيصلو؟ پٽ جو اهم بيان سامهون اچي ويو

ڪجهه ڏينهن اڳ بنگلاديش ۾ جاري حڪومت مخالف مظاهرن جي نتيجي ۾ شيخ حسينا واجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے