تازا ترين

طلاق کانپوءِ اداڪارا عروبه مرزا جو مڱڻو به ٽٽي ويو

پاڪستاني اداڪارا عروبه مرزا پنهنجي مڱيندي حارث سليمان سان رشتو ختم ڪري ڇڏيو.

اداڪارا عروبه مرزا 2022 ۾ حارث سليمان سان وڏي ڌام ڌوم سان مڱڻي ڪئي هئي، جنهن جون تصويرون به اداڪارا طرفان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪيون ويون هيون.

پر هاڻ انسٽاگرام تي اداڪارا طرفان هڪ پوسٽ شيئر ڪندي حارث سليمان سان پنهنجي رشتي جي خاتمي جو اعلان ڪيو آهي.

اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته هن ۽ حارث هڪ ٻئي کان پنهنجا رستا ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذاتي سبب جي بنياد تي اسان ٻنهي اِهو فيصلو ڪيو .

اداڪارا وڌيڪ لکيو ته جيتوڻيڪ اِهو فيصلو ٻنهي لاءِ سولو نه هو پر اسان ٻنهي جي ايندڙ زندگي لاءِ بهترين هو ته جيئن اسان الڳ ڌار ڌار رهندي پنهنجي زندگين ۾ اڳتي وڌي سگهون.

عروبه پنهنجي پوسٽ ۾ مداحن کان ٻنهي جي پرائيويسي جو احترام ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب، اداڪارا عروبه مرزا جي ان کان اڳ به طلاق ٿي چڪي آهي ۽ پهرين شادي مان کيس هڪ نياڻي جو اولاد پڻ آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

تاپسي ۽ وڪرانت جي ” ڦر آئي حسين دلربا“ نيٽ فلڪس تي رليز

بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پنو ۽ وڪرانت ميسي جي نئين فلم ” ڦر آئي حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے