جرمني کان سائيڪل تي پاڪستان جي سير لاءِ آيل سياح کي ڦورو تشدد جو نشانو بنائي ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
پوليس موجب جرمن سياح کان ڦورن ايئرپورٽ جي ڀرسان ڦر ڪئي، 27 ورهين جو برگ فلورائن جرمني کان سائيڪل تي پاڪستان آيو آهي.
پوليس ٻڌايو ته پرڏيهي سياح ايئرپورٽ جي ڀرسان روڊ تي ڪيمپ لڳائي ستل هو ته ڦورن کانئس ڦر ڪئي. جرمن سياح پوليس کي ٻڌايو ته ڦورن مون تي تشدد ڪيو جنهن کان پوءِ موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
ايس پي ڪينٽ موجب پرڏيهي سياح جي درخواست تي پوليس ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف ڊي آءِ جي آپريشنز محمد فيصل ڪامران واقعي تي ايس پي ڪينٽ کان رپورٽ طلب ڪندي فوري طور تي جوابدارن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.