تازا ترين

وزيراعظم هنگامي قدمن ذريعي جبري گمشدگي جي هن مڪروهه عمل جو ازالو ڪري: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

جبري گمشدگي جي سموري ذميواري وزيراعظم ۽ ڪابينا تي لاڳو ٿئي ٿي، ضروري آهي ته وزيراعظم هنگامي قدمن ذريعي جبري گمشدگي جي هن مڪروهه عمل جو ازالو ڪري

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل جي ڀاءُ جي بازيابيءَ لاءِ درخواست تي ٻڌڻيءَ جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت پاران شهباز گل جي گم ٿيل ڀاءُ غلام شبير کي بازياب ڪرائي 6 آگسٽ تائين عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

حڪمنامي جي ڪاپي پرنسپل سيڪريٽري ذريعي وزيراعظم ڏانهن اماڻڻ جو به حڪم، عدالتي حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڌرين گم ٿيل غلام شبير جي بازيابيءَ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي

سمورن ادارن جي نمائندن هڪ زبان ٿي مغوي جي ٺڪاڻي بابت لاعلمي ظاهر ڪئي

\حڪومت پاران لاعلمي جو اظهار جبري گمشدگي جو اظهار ڪري ٿو، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب درخواست تي گذريل ڏينهن ٻڌڻي هلائڻ بعد لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے