تازا ترين

ٽيڪس جمع نه ڪرائيندڙ گاڏين خلاف ڪارروايون ٿينديون: شرجيل ميمڻ

ايڪسائز کاتي، حڪومت سنڌ انقلابي قدم کڻندي ٽيڪس نظام کي ون لنڪ سان ڳنڍي ڇڏيو آھي، جنھن تحت عوام ھاڻي گھر ويٺي ٽيڪس ادا ڪري سگھندا. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن کاتي جو اھم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن محمد سليم راجپوت، ڊي جي ايڪسائز اورنگزيب اڪبر پنھور ۽ ٻين ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ شورومز تي گاڏين جي رجسٽريشن آسان جون بھ ھدايتون جاري ڪيون، جڏھن تھ پريمئم نمبر پليٽس جاري ڪرڻ جو ٻيو مرحلو بھ جلد شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ نئين ڊجيٽل سروس عوام جو وقت بچائڻ، پريشاني گھٽائڻ ۽ عوام جي آڱرين تائين سھولت آڻڻ لاءِ آندي وئي آھي، نئين آن لائن نظام سان شفافيت کي ھٿي ملندي ۽ عوام گھر ويٺي ٽيڪس ادا ڪري سگھندو. ھن چيو تھ عوام ڪنھن بھ ٽيڪس جي ادائگي منٽن اندر محفوظ ۽ ڀروسي جوڳي طريقي سان ڪري سگھندو، ايڪسائز ۽ ٽيڪسشن کاتو عوام کي بھترين ڪارڪردگي ۽ سھولت فراھم ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ وڏن وڏن شھرن جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چوڪيون قائم ڪيون وينديون، جتي گاڏين جي ٽيڪسز جي حوالي سان چيڪنگ ڪئي ويندي، ٽيڪس جمع نھ ڪرائيندڙ گاڏين خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون، پھرين مرحلي ۾ ڪراچي ٽول پلازا وٽ ھڪ ڪياسڪ قائم ڪيو ويندو، جتي گاڏين جي ٽيڪس جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويندو ۽ ٽيڪس نھ پياريندڙ گاڏين کي اُن وقت تائين روڪيو ويندو، جيستائين گاڏي مالڪ ٽيڪس جمع نھ ڪرائيندا.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے