تازا ترين

اسماعيل هنيه کان پوءِ حماس جو سربراهه ڪير ٿيندو؟ چونڊ جو عمل شروع

 فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس موجب اسماعيل هنيه جي شهادت کان پوءِ نئين سربراهه جي چونڊ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

حماس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پنهنجي تحريڪ جي نئين سربراهه جي چونڊ جي لاءِ وسيع مشاورتي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي، حماس جي شوريٰ ڪونسل جي اجلاس ۾ نئين سربراهه جو فيصلو ٿي ويندو.

ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته حماس جا ڪيترائي اعليٰ عهديدار اسماعيل هنيه جي جڳهه وٺي سگهن ٿا. اسماعيل هنيه جي نائب صالح العاروي ان کان پوءِ پاڻمرادو حماس جو سربراهه بڻجي سگهيو ٿي پر اهو  پهريان ئي جنوري ۾ اسرائيل جي هڪ حملي ۾ شهيد ٿي چڪو آهي.

حماس جو اڳوڻو سربراهه خالد مشعل مضبوط اميدوار ٿي سگهي ٿو جيڪو ٿڌي طبيعت جو مالڪ آهي، اهڙي طرح خليل الحيه جنهن کي حماس ۾ هڪ مضبوط شخصيت سمجهيو ويندو آهي ۽ اسماعيل هنيه جي ويجهن ساٿين ۾ به شمار ڪيو ويندو آهي انهي جو نالو به غور هيٺ آهي.  

هنيه جو هڪ ٻيو نائب زاهر جبارين آهي، جنهن کي حماس جي مالياتي ۽ انتظامي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سبب حماس جو سي اي او چيو ويندو آهي. ايران سان ويجها لاڳاپا هجڻ سبب ان جا به  حماس جي ايندڙ سربراهه بنجڻ جا امڪان آهن.

فلسطيني تنظيم جو هڪ ٻيو اهم ترين اڳواڻ يحي الستوار جيڪو غزه ۾ جاري جنگ جي قيادت ڪري رهيو آهي اهو به اسماعيل هنيه جي جڳهه سنڀالي سگهي ٿو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيخ حسينا واجد پاران بنگلاديش واپسي جو فيصلو؟ پٽ جو اهم بيان سامهون اچي ويو

ڪجهه ڏينهن اڳ بنگلاديش ۾ جاري حڪومت مخالف مظاهرن جي نتيجي ۾ شيخ حسينا واجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے